ديدار علي سيال

ديدار علي سيال: سگھڙ ديدار علي ولد محمد حسين سيال، 1962ع ڌاري ڳوٺ دائود ديري تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي کيس شاعريءَ جو شوق هو. هيءُ اڻ پڙهيل آهي. پر عشق مجازي ٿيڻ کانپوءِ سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت ۽ رهبريءَ کيس بهترين سگهڙ ۽ شاعر بنائي ڇڏيو. سندس ٻوليءَ ۾ ڪم آيل لغت جي شاهوڪاري ۽ اصطلاحن کي ڏسي سندس اڻپڙهيل هئڻ جو احساس نٿو ٿئي. سندس شاعري جا چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: (1) ‘ديس وسي ديدار اسان جو’، (2) ‘فيصلا انصاف جا’، (3) ‘ڪل جڳ رهندا ڪاپڙي’، (4) ‘ڪنهن کي ڏجي دانهن’ شامل آهن. هن وقت ڳوٺ دائود ديري، تعلقي ميهڙ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو